وزير اعظم ارسا چيئرمين مقرر ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

مارچ 14, 2024

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين ارسا جي مقرري جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا آهن

وزير اعظم شهباز شريف سنڌ حڪومت جي خدشن تي چيئرمين ارسا ظفر محمود جي مقرري جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا، جڏهن ته ارسا جي نئين چيئرمين جي مقرري جو عمل به روڪيو ويو آهي

وزيراعظم آفيس ارسا جي چيئرمين جي مقرري جي سمري واپس وٺڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي

گذريل ڏينهن وزيراعظم 22 گريڊ جي رٽائرڊ آفيسر ظفر محمود کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو هو ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ارسا جي چيئرمين جي مقرري تي خدشن جو اظهار ڪيو هو

ان کان اڳ سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو هو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وچ ۾ رابطو ٿيو آهي

آبپاشي واري وزير چيو ته وزيراعظم ارسا جي چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته ظفر محمود جي چيئرمين ارسا جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويندو.

ان حوالي سان وڏي وزير موقف اختيار ڪيو آهي ته سي سي آءِ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته چيئرمين جي مقرري صوبن جي ميمبرن مان روٽيشن جي بنياد تي ڪئي ويندي، جنهن تي وزيراعظم جو موقف قبول ڪري ورتو آهي. سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جي چيئرمين جي مقرري کي رد ڪندي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

مراد علي شاهه چيو ته اعتراض رڳو مقرري تي نه پر ان شخص تي به آهي، جنهن کي مقرر ڪيو ويو، ارسا جو مقصد هو ته ان ۾ وفاق جو ڪو به اثر رسوخ نه هجي، نگران حڪومت آرڊيننس ۾ ترميم ڪئي ته وفاق جو ھڪ نمائندو جو ارسا جو ميمبر هوندو.

Leave A Comment