وزيراعظم شهباز شريف 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو
جُون 4, 2024
وزيراعظم شهباز شريف 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو، وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ وفاقي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين سميت ٻيا به شامل، چين روانگي کان اڳ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته چين دنيا جي ٻي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت آهي، چيني صدر جي سوچ ۽ ويزن جي بنياد تي دنيا ۾ جنگين جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، چين هر مشڪل ۾ پاڪستان جو غير مشروط ساٿ ڏنو، پاڪ چين دوستي جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، اڄوڪو دورو هڪ ٻي وڏي حد مقرر ڪندو، هي دورو سي پيڪ کي فيز ٽو مرحلي ۾ داخل ڪندو