وزيراعظم شهباز شريف 3 جون کان 8 جون تائين چين جو دورو ڪندو

مَي 31, 2024

وزيراعظم شهباز شريف 3 جون کان 8 جون تائين چين جو دورو ڪندو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيني صدر شي جنپنگ جي دعوت تي چين جو سرڪاري دورو ڪندو، وزيراعظم چيني صدر، وزيراعظم ۽ ٻين اختيارين سان ملاقاتون ڪندو ۽ پاڪ چائنا بزنس فورم کي خطاب به ڪندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سي پيڪ ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان مسئلا موجود آهن، وزيراعظم جي چين ياترا سان سٺيون خبرون اينديون، پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اسحاق ڊار چيو ته چيني انجنيئرز تي حملي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، گهرو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي کاتي جا آفيسر ڪابل ويا آهن، چيني شهرين تي حملن ۾ ملوث ماڻهن بابت افغان اختيارين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو

Leave A Comment