وزيراعظم شهباز شريف هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ۽ ٻين جي فوت ٿيڻ تي ايراني قيادت سان تعزيت لاءِ تهران پهچي ويو
مَي 22, 2024
وزيراعظم شهباز شريف هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ۽ ٻين جي فوت ٿيڻ تي ايراني قيادت سان تعزيت لاءِ تهران پهچي ويو، وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي، وقتي صدر ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ سڌ سماءَ وارو وزير عطا تارڙ به وزيراعظم سان گڏ موجود، هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي تهران ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، صدر ابراهيم رئيسي سان گڏ فوت ٿي ويل پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي به جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جنازي نماز پڙهائي، جنازي ۾ فلسطين جي ويڙهاڪ جماعت حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه ۽ لکين ماڻهن جي شرڪت، ايراني ميڊيا موجب جنازي نماز ۾ 10 حڪومتي سربراهن ۽ وزيرن سميت 40 کان وڌيڪ پرڏيهي وفد به شريڪ ٿيا، قم، تبريز ۽ ٻين ايراني شهرن ۾ به لکين ماڻهن پاران غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي