وزيراعظم شهباز شريف ملڪ مان بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
مَي 28, 2024
وزيراعظم شهباز شريف ملڪ مان بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ بجلي چوري روڪڻ بابت اجلاس ٿيو، وزيراعظم اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته خساري ۾ هلندڙ فيڊرز تي به لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري وزيراعظم کي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ٿيل ملاقات بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني، وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪي پي جي وڏي وزير صوبي ۾ بجلي چوري گهٽائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، وزيراعظم ڪي پي جي وڏي وزير سان ملاقات ۾ ٿيل اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي
توانائي واري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته رڳو خساري ۾ هلندڙ فيڊرز تي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چيو ته گرميءَ جي ڪري ماڻهو سخت پريشان آهن، خساري وارن فيڊرز تي به لوڊشيڊنگ گهٽائي وڃي، بجليءَ جي چوري روڪڻ سمورن واڳيل ادارن جي ذميواري آهي
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال هنن ڏينهن ۾ بجليءَ جي طلب 28 هزار ميگاواٽ هئي جيڪا هيل گهٽجي 23 هزار ميگاواٽ تي پهتي آهي، سسٽم ۾ 18 هزار ميگاواٽ بجلي موجود آهي، طلب ۾ گهٽتائي باوجود بجليءَ جو 5 هزار ميگاواٽ جو شارٽ فال برقرار آهي