وزيراعظم شهباز شريف جي 19 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

مارچ 11, 2024

وزيراعظم شهباز شريف جي 19 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو، ايوان صدر ۾ تقريب دوران صدر آصف علي زرداري ڪابينا جي ميمبرز کي حلف کڻايو، حلف کڻندڙن ۾ اسحاق ڊار، مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، حبيب بينڪ جو سربراهه محمد اورنگزيب، احد چيما ۽ اڳوڻو نگران وڏو وزير محسن نقوي به شامل، خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا تنوير، ڄام ڪمال، انجنيئر امير مقام ۽ اويس لغاري به حلف کنيو، عطاءُ الله تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر شيخ ، رياض پيرزاده ۽ شزا فاطمه به حلف کنيو، وزيراعظم شهباز شريف 19 رڪني ڪابينا جا نالا تجويز ڪندي لسٽ صدر ڏانهن اماڻي هئي، اسحاق ڊار ۽ مصدق ملڪ سينيٽ ميمبر طور مدو پورو ٿيڻ بعد به وفاقي وزير طور ڪم ڪندا، حلف کڻندڙن جي قلمدانن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو

Leave A Comment