وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ 19 ڄڻن جي وفاقي وزير طور مقرري جي لسٽ صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي

مارچ 11, 2024

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ 19 ڄڻن جي وفاقي وزير طور مقرري جي لسٽ صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي، وزيراعظم پاران وفاقي وزيرن جي مقرري لاءِ صدر ڏانهن اماڻيل لسٽ ۾ اسحاق ڊار، مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، حبيب بينڪ جي سربراهه محمد اورنگزيب، احد چيما ۽ اڳوڻي نگران وڏي وزير محسن نقوي جا نالا به شامل، شهباز شريف جي تجويز موجب خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا تنوير، ڄام ڪمال، انجنيئر امير مقام ۽ اويس لغاري کي به وفاقي وزير مقرر ڪيو ويندو، وزيراعظم پاران عطاءُ الله تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر شيخ ۽ رياض پيرزاده کي به وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي تجويز، وزيراعظم شزا فاطمه خواجا کي مملڪتي وزير بڻائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، اسحاق ڊار ۽ مصدق ملڪ سينيٽ ميمبر طور مدو پورو ٿيڻ بعد به وفاقي وزير طور ڪم ڪندا

Leave A Comment