وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽجڪ ادارن کي ڇڏي باقي سمورن ادارن جي نجڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو
مَي 14, 2024
وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽجڪ ادارن کي ڇڏي باقي سمورن ادارن جي نجڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري پروگرام 2029-2024 جو روڊ ميپ پيش ڪيو ويو، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ادارا نفعي وارا هجن يا خساري وارا سمورن حڪومتي ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان سهڪار جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم چيو ته نجڪاري سان ٽيڪس ادا ڪندڙن شهرين جي بچت ٿيندي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ مناسب ماحول ۽ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي، نجڪاري جي پئسن سان خدمتن جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي ترجيح ڏني ويندي