وزيراعظم شهباز شريف وڳوڙ سٽيل آزاد ڪشمير لاءِ 23 ارب روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مَي 13, 2024
وزيراعظم شهباز شريف وڳوڙ سٽيل آزاد ڪشمير لاءِ 23 ارب روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم اها منظوري آزاد ڪشمير جي صورتحال بابت ڪوٺايل هنگامي اجلاس دوران ڏني، اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو صدر بئرسٽر سلطان محمود، وزيراعظم انوار الحق، نواز ليگ آزاد ڪشمير جو صدر راجا فاروق حيدر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪشمير جي معاملن واري وفاقي وزير امير مقام ۽ توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري جي به شرڪت، اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي صورتحال جو جائزو به ورتو ويو، آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ۽ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد ڇڪتاڻ تيز، سرڪاري آفيسون ۽ تعليمي ادارا بند، انٽرنيٽ جي سروس معطل، هزارين ماڻهن جو مظفر آباد ڏانهن لانگ مارچ جاري