وزيراعظم سان پ پ وفد جي ملاقات: وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ جي حصي بابت مشاورت

مَي 27, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر،سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ شيري رحمان تي ٻڌل وفد وزير اعظم هائوس ۾ وزير اعظم سان ملاقات   ڪئي . وزير اعظم هائوس جي ترجمان مطابق  ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ مالي سال 25-2024 جي بجيٽ تي به غور ۽ مشاورت ڪئي وئي. جڏهن ته ذريعن ٻڌايو آھي ته اجلاس دوران وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن سوڌو اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي ملندڙ حصي ۽ بجيٽ ۾ زراعت ، نوجوانن ، بينظير انڪم سپورٽ  سوڌو مختلف تجويزن تي به تفصيلي مشاورت ٿي، ملاقات ۾ ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار رانا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هئا.

Leave A Comment