وزيراعظم آفيس کي ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ آءِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ سمورين سولين ملٽري ايجنسيز کي هدايتون جاري ڪرڻ جو حڪم

جُون 29, 2024

لاهور هاءِ ڪورٽ عدليه ۾ مداخلت روڪڻ لاءِ ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيون، وزيراعظم آفيس کي ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ آءِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ سمورين سولين ملٽري ايجنسيز کي هدايتون جاري ڪرڻ جو حڪم، اي ٽي سي جج کي هيسائڻ واري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم چئن صفحن تي ٻڌل تحريري عبوري حڪم جاري ڪري ڇڏيو، اي ٽي سي جي ججز کي پنهنجي موبائيل فون تي هر ڪال ريڪارڊ ڪرڻ جي هدايت، عدالت 8 جولاءِ تائين عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو

Leave A Comment