پريا ڪماري ۽ شهيد جان محمد مهر ڪيس ۾ اڳڀرايون: جلد عوام کي خوشخبري ٻڌائينداسين: ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه
مَي 23, 2024
پريا ڪماري جي اغوا ڪيس ۽ شهيد جان محمد مهر جي ڪيس ۾ اڳڀرايون ٿيون، جلد عوام کي خوشخبري ٻڌائينداسين، صحافي نصر الله گڏاڻي تي قاتلاڻو حملو بلائينڊ ڪيس آهي، ڪجهه سراغ مليا آهن جن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته حملو ڪندڙ جلد گرفتار ٿي ويندا: ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه جون سکر ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون، ڊي آءِ جي پير محمد شاهه چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، جلد سندس قاتل گرفتار ڪيا ويندا، پريا ڪماري جي ڪيس ۾ به اڳڀرائي ٿي آهي، جلد خوشخبري ملندي، شهر ۾ ڏوهاري ان ڪري آزاديءَ سان ڪارروائيون ڪن ٿا جو ڪير کين پڪڙي نه ٿو، ڪجهه گروهه پڪڙي ڪارروائي ڪئي ويندي ته شهر مان ڏوهه به ختم ٿي ويندا