پريا ڪماري آزاد نه ٿي، امڙ هولي ڏينهن به ڏکاري، درن ۾ ديدون، نياڻي جي آزادي لاءِ سنڌ اٿي پئي، مظاهرا، ڌرڻا

مارچ 25, 2024

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري آزاد نه ٿي، امڙ هولي ڏينهن به ڏکاري، درن ۾ ديدون، حڪومت ۽ عدليه جي نوٽيسز باوجود پوليس پريا جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام، نياڻي جي آزادي لاءِ سنڌ اٿي پئي، احتجاجي مظاهرا، ڀان سيد آباد، سيوهڻ ۽ سن ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻا، سڪرنڊ، ڀريا سٽي، کيبر ۾ قومي شاهراهه بلاڪ ڪيو ويو. پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪري ملوث جوابدارن کي انجام تي پهچائڻ جو مطالبو  تفصيل موجب ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سول سوسائٽي احتجاج ڪندي پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو، اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته پريا بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٽن تلوارن وارو روڊ بند ڪيو ويندو ۽ پوءِ اوٻاوڙو ۾ ڌرڻو ھنيو ويندو.،مظاهري کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم پي اي سورٺ ٿيٻو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فرحان لاڙڪ، مرڪ منان چانڊيو، وڪيل ڪانجي ڀيل، درشن سچڏيو، صحافي خدا ڏنو شاھه، مھيش ڪمار ۽ ٻين چيو ته  پريا ڪماري کي 2021ع جي ڏهين محرم واري ڏينهن سنگرار مان سندس گهر اڳيان اغوا ڪيو ويو جنهن کي 32 مهينا ٿي ويا آهن پر پريا  کي بازياب نه ڪرايو ويو آهي  پريا هن وقت تائين ظالمن جي قيد ۾ آهي پر پوليس خاموش آهي ان وقت جي ايس ايس پي سميت ايندڙ سمورن ايس ايس پيز کي هن ڪيس ۾ معطل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. ملير ۾ جيئي سنڌ محاذ ڪراچي ڊويزن پاران پريا ڪماري جي اغوا خلاف سليم حاجاڻو، ضمير حاجاڻو، نثار چانڊيو، عبدالغفور ڪلوڙ، فقير بشير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  حيدرآباد ۾جسم پاران رياض چانڊيو، ڊاڪٽر بدر چنا، روشن ٻرڙو، پنهل ساريو، نعمت کهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  اڳواڻن جو چوڻ هو ته  سنڌ ۾ پوليس جي لاپرواهي سبب بدامني جو راڄ قائم آهي، ڌاڙيلن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي،  استادن ۽ خاص طور هندو برادري کي ٽارگيٽ ڪري انهن اغوا ڪيو پيو وڃي. معصوم نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ٿئي 4 سال گذري ويا آھن پر معصوم نياڻي کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي. سکر ۾ سول سوسائٽي پاران ماجد ڏنور، عرفان ملڪ، قربان چوهاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان لياقت عمراڻي، غلام رسول عمراڻي جي اڳواڻِي ۾ جناح باغ چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، نواب شاهه ۾ پ پ ش ڀ پاران اڪبر سوڍر، بابر مغيري، شاھڪار ملاح، غازي نجيب چانڊيو، رزاق رند، لالا انور، وسيم ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، درازا شريف ۾ سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت ضلع خيرپور پاران آزاد انصاري، قربان گل، ڄام محبت سهتو، وفا گل وساڻ،  زبير سومرو، درد هوش محمد جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڪشمور ۾ ھندو نوجوان اتحاد ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران علمدار چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، قمبر ۾ جسقم، پ پ شھيد ڀٽو سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن، شھرين ۽ معصوم ٻارڙن ڏيئا ۽ لالٽين ٻاري هٿن ۾ کڻي بيبي باگڙي، شاهجهان ڪلهوڙو،  شوڪت چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، جيڪب آباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران نديم قريشي، سعيد بروهي، نور محمد منجهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، نوشهروفيروز ۾ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن شاهد چانڊيو، شايان ميمڻ، اسد چانڊيو، ابرار مورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار مظاهرا ڪيا، سڪرنڊ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ساگر ملاح، مشتاق لغاري، مصطفيٰ عمراڻي، اويس گبول، منور عمراڻي، لالا قدير لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ٺل ۾ جدوجھد ايڪشن ڪاميٽي پاران ايس يو پي ڊويزنل صدر ڪامريڊ جمال جوش ٻرڙو، مولانا مير حسن ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شھدادڪوٽ ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران وھاب پندراڻي جي اڳواڻي ۾ليبر ھال کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ڳيريلي ۾  ايس يو پي، سول سوسائٽي ۽ معصوم ٻارڙن پاران خالد محمود جتوئي، ايڊوڪيٽ طاهر منير بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، رتيديري ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي ذوالفقار بليدي، اياز بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رتوديرو شڪارپور روڊ تي ڀانڊو قبو وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، نصيرآباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي،  کپرو ۾ جسقم ڪارڪنن اڪبر مري، غلام رسول شر، سي ڪي راڄڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مورو ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن ابرار مورائي، شايان ميمڻ، شاهد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، خيرپور ۾ سماجي تنظيم، سول سوسائٽي ۽ شھرين پاران علي احمد ميمڻ، غلام شبير جمالي، نثار سومرو، سرمد چنو، زبير دل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڀرياسٽي ۾ جسم محاذ رياض چانڊيو گروپ پاران عرفان ڏاھري، ابرار مورائي، خليل شر، عالم بالادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گمبٽ ۾ قومپرستن ضمير ڀٽي، فريد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سلطانپور ۾ نوجوانن ايڊوڪيٽ عابد جوڻيجو، توسيق سمائر، زوهيب سمائر، نويد سمائر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پنوعاقل ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پ پ شھيد ڀٽو پاران قربان ڪلوڙ، ڪامريڊ لال چاچڙ، شاھد جتوئي، وحيد چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ڇور ۾ سماجي اڳواڻن رميش، عاجز عرفان، رحمان گل، آرزو آصف، اعجاز نھڙي ۽ ٻين  احتجاجي  مظاهرو ڪيو. پٿورو ۾ صحافي  مشتاق ڪنڀر، ڪرشن ڀيل، سڀاگو خان سمون، منظور منڱريو، خوشحال ديوان، قربان علي، مارو ڀيل، واگو مل ڀيل ۽ فيض سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪيو. نئون ڪوٽ ۾ جيئي سنڌ  محاذ  پاران سلطان دل، حنيف مرڙاڻي، مصطفي خاصخيلي، آصف مرڙاڻي، پرديپ ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، کيبر ۾ جسم پاران پرويز علي چانڊيو، منٺار علي چولياڻي، مظهر علي چانڊيو، ڊاڪٽر زاهد علي ڪيريون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراھه تي ڌرڻو هنيو ويو. سيوھڻ ۾ جيئي سنڌ محاذ رياض گروپ پاران اياز سولنگي، صدام لنڊ، اڪبر برهماڻي، بشير جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. راڌڻ  ۾ ھندو برادري ۽ سول سوسائٽي طرفان  روي ڪمار ھريش ڪمار، ماڻڪ لعل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  سن ۾ مختلف تنظيمن طرفان  تراب علي، امان الله شاھاڻي،  ڪامريڊ انور مڱڻھار، ديوان اميت ڪمار ۽ ٻين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو. فريدآباد ۾ سياسي سماجي اڳواڻن احمد علي چانڊيو، منٺار خاصخيلي، خادم ڏيرو، مريد چانڊيو  نادر علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. عمرڪوٽ ۾ قومي ڪارڪنن پاران گل بجير، امتياز کوسو، انور ساند، شاھد ساند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٺٽي ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران بابو احسان ڀٽو، فيروز سومرو، رمضان بروھي، رفيق سومرو، گلاب خان لنڊ، خالد ڪيھر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊوالھيار ۾ جسم پاران  غلام رسول رند جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪيريا شاخ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو. ٽنڊو محمد خان ۾ ايوب ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي بدين  ۽ حيدرآباد روڊ  تي  ڌرڻو ھنيو ويو، ڌاٻيجي ۾ سول سوسائٽي پاران قاري فياض، مصطفيٰ ساريو، رحيم شورو، شير زمان جوکيو، فهيم انصاري، ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پيرونمل ۾ شهرين ايڊوڪيٽ عبدالغفار سڌيراڻي، ربنواز جوڻيجو، سعيد علي بگٽي ۽ جمال الدين بگٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سجاول ۾ھندو برادري پاران ڊاڪٽر ھوتچند، ڊاڪٽر شام ڪمار، نثار احمد ميمڻ، گل حسن رند، سلطان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊو باگو ۾ فراق هاليپوٽو، امين سنڌي، ڪامريڊ اشو لوھاڻو، چيلارام لٻاري ۽ شهزاد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. گهارو ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران سيد نواز شاهه ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

Leave A Comment