پريا ڪماري اغوا ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، وارثن لاءِ جلد خوشخبري ملڻ جو پيغام
مَي 28, 2024
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ويجهو 33 مھينا اڳ اغوا ٿي ويل معصوم پريا ڪماري واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي جو انڪشاف، وارثن کي جلد خوشخبري ملڻ جي خاطري ڪرائي وئي، رپورٽ موجب سنگرار واري علائقي مان 7 ورھين جي معصوم پريا ڪمار کي نامعلوم ماڻھو 10 محرم الحرام تي ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ٿيندڙ ماتمي جلوس جي عزادارن لاءِ لڳايل سبيل تان اغوا ڪيو هو، نياڻي جا والدين پريشاني واري حالت ۾ سنگرار ڇڏي لڏپلاڻ ڪري سکر اچي آباد ٿيا آھن، پريا ڪماري جي بازيابي وارو ڪيس سنڌ پوليس لاءِ چئلينج بڻيل رهيو، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي پريا ڪماري واري معامري جو نوٽيس وٺڻ بعد آءِ جي سنڌ طرفان اُن وقت ايس ايس پي امجد احمد شيخ، تنوير حسين تنيو، ايس ايس پي عرفان احمد سمون تي مشتمل ڪاميٽي قائم ڪئي ھئي، پوليس آفيسرن جاچ جي لاءِ ھن وقت تائين 700 جي لڳ ڀڳ علائقي واسين، نينگريءَ جي مٽن، مائٽن توڙي ويجھن عزيزن کي جاچ ۾ شامل ڪري کين حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ھئا، جنھن بعد ٻن شڪي ماڻھن جنھن ۾ نينگريءَ جو چاچو سريش به شامل ھو، انھن جي پنجاب فارينزڪ ليب مان پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائي وئي ھئي پر اِن باوجود ھن وقت تائين ٻارڙي جو ڪو به پتو ناھي پئجي سگھيو، بارڙي جي واپسي لاءِ آءِ جي سنڌ طرفان سنگرار ۾ ڪئمپ پڻ لڳائي وئي ھئي ۽ ڄاڻ ڏيندڙ لاءِ 50 لک روپيا انعام ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو هو، تازو آءِ جي سنڌ پاران ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻيءَ جي سربراهيءَ ۾ ٽيم جوڙي وئي، جنهن پڻ مختلف وقتن تي سکر پهچي ٻيهر بيان رڪارڊ ڪيا هئا، ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ايس ايس پي امجد شيخ جي سکر ۾ مقرر ٿيڻ کان پوءِ پوليس کي پريا ڪماري واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پريا ڪماري جي والد راجڪمار توڙي هندو برادريءَ جي ماڻهن پاران ڪيل ملاقات ۾ کين سٺي موٽ ڏني وئي آهي ۽ کين خاطري ڪرائي وئي آهي ته انهن کي جلد خوشخبري ملندي، جنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پريا ڪماري جي خاندان، هندو برادري توڙي سنڌ واسين ۾ پريا ڪماريءَ جي جلد بازيابيءَ متعلق هڪ اميد جاڳي پئي آهي، اِن حوالي سان آفيشل طور تي جاچ ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪنهن به عملدار ڪجهه به ناهي ٻڌايو ۽ في الحال اِن معاملي کي ميڊيا تي آڻڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي.