ڪٻاڙين خلاف ڪاررواين بعد ڪراچي ۾ ڏوهن جي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي: ضياءَ لنجار
جُون 26, 2024
سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته ڪٻاڙين خلاف ڪاررواين بعد ڪراچي ۾ ڏوهن جي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، چوري ۽ ڦرلٽ جو سامان خريد ڪرڻ ۾ ملوث 300 کان وڌيڪ ڪٻاڙين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن چوري ۽ ڦرلٽ واريون شيون وڪرو نه ٿينديون ته اهي ڪنهن ڪم جون نه رهنديون، سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ضياءَ لنجار چيو ته موبائل مارڪيٽ تي به نظر رکي آهي، چوري جي شين جي خريد ۽ وڪرو ختم ٿي وڃي ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي، ڪچي ۾ ٽن مهينن دوران 74 ڌاڙيلن کي ماريو ويو آهي، ڌاڙيلن جي سِر جي قيمت وڌائڻ لاءِ وڏي وزير کي سفارش ڪئي آهي، ڪراچي ۾ هلندڙ مهيني 650 مقابلا ٿيا، جن ۾ 99 ڏوهاري ماريا ويا