پريا ڪماري جي بازيابي بابت ڪاررواين جي رپورٽ ھيومن رائيٽس ڪميشن کي پيش

آگسٽ 1, 2024

3 سال اڳ اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابيءَ وارين ڪوششن دوران 22 شڪي ماڻهن جا جزا لمس اماڻيا ويا، 13 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو آئي، 9 شڪي مردن جي رپورٽ اڃا رهيل آهي، صوبائي گهرو کاتي کي پوليس سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙڻ جي سفارش به ڪئي وئي: سکر پوليس پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ ورتل ڪوششن بابت سنڌ جي هيومن رائيٽس ڪميشن آڏو پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پريا ڪماري جي بازيابي بابت اطلاع ڏيندڙ لاءِ انعام جي رقم 25 لک مان وڌائي 50 لک روپيا ڪئي وئي، پريا ڪماري جي ڳولا لاءِ پنجاب جي ملتان، خانيوال، بهاولپور ۽ رحيم يار خان ضلعن ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، پنجاب ۾ اشتهار ڏيڻ ۽ پينا فليڪس لڳائڻ کانسواءِ پمفليٽ به ورهايا ويا، نومبر 2021، آڪٽوبر 2023 ۽ مارچ 2024 ۾ گهرو کاتي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙڻ جون درخواستون اماڻيون ويون، پهرين اپريل 2024 تي گهرو کاتي پاران ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي، پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ سکر پوليس پاران ڪوششون جاري آهن

Leave A Comment