ارسا ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ تجويز ڪيل مسودو ڪالاباغ ڊئم کان وڌيڪ خطرناڪ قرار
سيپٽمبر 2, 2024
سنڌ جي سڄاڻ ڌُرين ۽ پاڻي ماهرن ارسا ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ تجويز ڪيل مسودي کي ڪالاباغ ڊئم کان خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو
ايڪٽ ۾ امڪاني ترميمون پاڻي معاهدي تي به وار قرار، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اڳوڻي سيڪريٽري فضل الله قريشي چيو آهي ته ارسا ايڪٽ موجب ڪابه ترميم ارسا اندر ايندي يا صوبائي اسيمبلي آڻيندي، هي اوچتو مٿان کان ترميم اچي رهي آهي، ارسا بين الصوبائي ادارو آهي ۽ اُن پاڻي معاهدي مان جنم ورتو آهي
ارسا چيئرمين کي ايترا اختيار مليا آهن جو اسٽريٽيجڪ جاين ۾ پاڻي ورڇ جي ضرورت هوندي ته هو پاڻ فيصلو ڪندو، ترميم سان صوبن ۾ جهيڙا ٿيندا، سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ بلوچستان کي نقصان ٿيندو، تجزئي نگار جامي چانڊيو چيو آهي ته ارسا ڪو وفاقي نه، پر بين الصوبائي باڊي آهي
وزيراعظم کي اختيار هوندو ته صوبن کي باءِ پاس ڪندي سڌي ريت ڪنهن به 21هين گريڊ جي آفيسر کي ارسا چيئرمين مقرر ڪري سگهندو، هي ڪالاباغ ڊئم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ جو صوبن جو پاڻي تي ڪوبه اختيار نه هوندو
ترميم سان پاڻي ورڇ ۾ سي سي آءِ ۽ صوبن جو ڪردار ختم ٿي ويندو، پ پ سينيٽر ضمير گهمرو چيو آهي ته ترميمي مسودو اڃا آفيشل فورم تان باضابطا نه آيو آهي، صوبن ۾ پاڻي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ ارسا ٺاهي وئي هئي
پاڻي بابت رڳو صوبائي اسيمبلي قانونسازي ڪري سگهي ٿي، آئين تحت پارليامينٽ قانونسازي ڪندي ته اُها صوبائي اسيمبلي کان اجازت وٺندي، پاڻي معاهدي سان ٽڪراءَ ۾ ڪوبه قانون نٿو آڻي سگهجي، سڄاڻ ڌُرين پاران سنڌ اسيمبلي ۾ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي رد ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ تي زور