اسلام آباد ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪوهسار ٿاڻي تي ڪيس داخل
مارچ 11, 2024
اسلام آباد ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪوهسار ٿاڻي تي ڪيس داخل، ڪيس ۾ شير افضل مروت، شفقت اعواڻ ۽ شعيب شاهين سميت هڪ هزار کان وڌيڪ اڻڄاتل ماڻهو نامزد، لاهور ۾ به پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف اغوا ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ سميت مختلف الزامن هيٺ ڪيس داخل، ايم پي اي حافظ فرحت ۽ عورتن سميت 38 ڪارڪن نامزد، پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته گذريل ڏينهن مظاهرن دوران ڪٿي ڪو روڊ بلاڪ ٿيو آهي ته وڊيو ڏيکاريو، پرامن مظاهرا ڪندڙ اسان جي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو، جيستائين اسان کي اسان جو مينڊيٽ نه ملندو تيستائين اسان احتجاج ڪندا رهنداسين