ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال: احتجاجي ڪئمپ قائم: پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڏند چڪ

آڪٽوبر 10, 2024

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ آل پارٽيز موومينٽ طرفان شهر ۾  مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز دڪان بند رهيا، صرافا بازار،گهنٽاگهر چوڪ،ڊکڻ بازار،رسالدار روڊ،ڪشمور روڊ،ساقي موڙ،ڊي سي روڊ سان قائم ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز دڪان بند پيل رهيا.هڙتال دوران شهر ۾ آل پارٽيز موومينٽ جي اڳواڻن شهر ۾ گشت ڪندي کليل دڪانون بند ڪرايون، ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر ميهرچند،دلمراد ڏاهاڻي، نصرالله عزيز،غلام مصطفيٰ ميراڻي،شاهنواز مرهيٽو ۽ ٻين چيو ته اسان کي ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ٽي ڏينهن هڙتال جاري رهندي. ٻي طرف احتجاج دوران احتجاجي ڪئمپ تي پوليس جا اٽالا پهچي ويا، ايس ايچ او اي سيڪشن رفيق کيڙو ۽ مظاهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ايس ايچ او ۽ مظاهرين ۾ ڏند چڪ ٿيندا رهيا،ان موقعي تي  مظاهرين غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين چيو ته ايس ايچ او اي سيڪشن رفيق کيڙو اسان جي احتجاجي ڪئمپ تي چڙهائي ڪري اسان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هراسان ڪيو آهي، پوليس عملدار اسان جي ڪارڪنن کي پنڊال خالي ڪرڻ جا داٻا ڏنا ۽ هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون آهن،هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

احتجاج ڪندڙ اڳواڻ چورن ۽ ڌاڙيلن جا يار آهن: ايس ايچ او

ڪنڌڪوٽ: ايس ايچ او اي سيڪشن رفيق کيڙو احتجاجي ڪئمپ تي پهتو ۽ اُتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هتي جيڪي به هڙتال ڪرائين ٿا، احتجاج ۾ ويٺل اڳواڻ هي سڀ بشنين، چورن ۽  ڌاڙيلن جا يار آهن،هتي جيڪي به احتجاج جا ليڊر آهن انهن مان هر هڪ جي هفتي ۾ ڪنهن جي موٽرسائيڪل چوري ٿيندي هئي، ڪنهن جي موبائل گم ٿيندي هئي انهن کي آءُ موٽرسائيڪل به ڏيندو هئس ۽ موبائل فون به ڏيندو هئس، هاڻ احتجاج ۾ شريڪ ليڊرن جي آءُ ڀتا خوري بند ڪئي آهي، جنهن بعد اهي پوليس خلاف هڙتالون به ڪن ٿا ۽ احتجاج به ڪن ٿا،  سڀ صرف پوليس سان ڊرامو ڪري رهيا آهن پوليس کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، اهي ليڊر ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن.پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن هلندڙ آهي. ايس ايچ او چيو ته شهر زبردستي بند ڪرايو ويو آهي.

معصوم ٻارڙا به احتجاج ۾ شامل، شهر جو امن بحال ڪرائڻ جا نعرا

ڪنڌڪوٽ: معصوم ٻارڙن جي ذهنن ۾ به بدامني جو خوف تاري ٿيل، امن امان جي بحالي لاءِ   گهنٽاگهر چوڪ وٽ قائم احتجاجي ڪئمپ ۾ معصوم ٻارڙا به شريڪ ٿيا، معصوم ٻارڙن امن امان کي بحال ڪرائڻ جا نعرا هنيا ۽ امن جي بحالي جو مطالبو ڪيو.

ڳالهيون ڪرڻ باوجود شهري احتجاج ڪري رهيا آهن: ايس ايس پي بشير بروهي

ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ٿيون هيون پر انهن جو احتجاج ڳالهيون ڪرڻ باوجود هلي ٿو، ايس ايس پي چيو ته اسان جو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن هلندڙ آهي پوليس آپريشن ۾ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي اسان به هن ضلعي جي امن امان جي لاءِ  شهرين جي جان مال جي حفاظت لاءِ  ڌاڙيلن سان وڙهي رهيا آهيون.

Leave A Comment