صوبا پنهنجو خرچ پاڻ برداشت ڪن، 42 هزار دڪاندارن تي اڄ کان ٽيڪس لڳندو، پيٽروليم ليوي فوري لاڳو نه ٿيندي: ناڻي وزير
جُولاءِ 1, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومتي قدمن سان معيشت ۾ بهتري ۽ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام اڻٽر آهي، ان کانسواءِ اسان اڳتي نه ٿا وڌي سگهون. سيلز ٽيڪس ۾ 750 ارب جي ڪرپشن سامهون آئي آهي، 70 رپيا پيٽروليم ليوي جي وڌ کان وڌ حد رکي وئي آهي، جيڪا فوري طور لاڳو نه ٿيندي، 42 هزار ريٽيلرز تي اڄ کان ٽيڪس لاڳو ٿي ويندو، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومتي قدمن سان معيشت ۾ بهتري آئي آهي. ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 9 ارب ڊالر آهن، مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽجي 12 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي وزير چيو ته ورلڊ بينڪ داسو منصوبي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ ايف سي پي ٽي سي ايل لاءِ 400 ملين ڊالر جي منظوري ڏني آهي، ميڪرو استحڪام هن وقت وڏو چئلينج آهي، ميڪرو استحڪام اسان کي برقرار رکڻو پوندو ۽ اهو تمام ضروري آهي، جيڪڏهن ميڪرو استحڪام لوڏي ۾ اچي ويو ته وڏو نقصان ٿيندو، ايف بي آر 9 کرب 3 ارب روپيا اوڳاڙي جو هدف پورو ڪندو، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ايندڙ ٽن سالن ۾ ٽيڪس کي جي ڊي پي ۾ 13 سيڪڙو تائين پهچايو وڃي، ايندڙ سال جي ڊي پي ۾ ٽيڪس کي ساڍا 10 سيڪڙو تائين آڻڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته مون کي نان فائلر جو اصطلاح سمجهه ۾ نٿو اچي اسان نان فائلرز جي اصطلاح کي ختم ڪنداسين، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن ڪري رهيا آهيون، معاشي استحڪام سان پرڏيهي ادارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، ايف بي آر ۾ جيترو انساني عمل گهٽ ٿيندو اوترو ئي ڪرپشن گهٽ ٿيندي، سيلز ٽيڪس ۾ 750 ارب جي ڪرپشن سامهون آئي آهي، هن چيو ته توانائي ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ سڌارا آڻينداسين. مفتاح اسماعيل ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي سٺي تجويز ڏني هئي، ريٽيلرز تي ٽيڪس 2022 ۾ لاڳو ٿيڻ گهرجي ها. ريٽيلرز تي پهرين جولاءِ کان ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. 42 هزار ريٽيلرز جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي. ناڻي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير پگهارون نه وٺي رهيا آهن ۽ اهي پنهنجا يوٽيلٽي بل به پاڻ ادا ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي ڪم ڪري رهي آهي، هتي به وڌيڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي آڻڻ چاهيون ٿا، پينشن بجيٽ جو حصو نه هئي پر اي سي سي ۾ فيصلو ڪيو ويو ان ڪري قدم کنيا ويا آهن، تعميراتي شعبي کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو، اسان به اهو ئي چاهيون ٿا.آءِ ايم ايف بابت تمام گهڻيون ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، آءِ ايم ايف پروگرام اڻٽر آهي، ان کانسواءِ اسان اڳتي نه ٿا وڌي سگهون. آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ٿيڻ لاءِ بجيٽ آءِ ايم ايف جي مشاورت سان تيار ڪئي وئي آهي، آءِ ايم ايف کي پاڪستان جو پروگرام چوڻ گهرجي، هن چيو ته 70 رپيا پيٽروليم ليوي جي وڌ کان وڌ حد رکي وئي آهي، پيٽروليم ليوي تي 10 رپيا واڌ سڀاڻي کان لاڳو نه ڪئي ويندي ، هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پگهاردار طبقي تي بار وڌندو پيو وڃي جيئن ئي معاشي صورتحال بهتر ٿيندي ته سڀ کان پهرين پگهاردار طبقي کي رليف ڏينداسين، نئين پينشن اسڪيم اڄ کان لاڳو ٿيندي، هٿياربند فوجون هڪ سال تائين پُراڻي پينشن اسڪيم تي عمل ڪنديون، 30 جون تائين ٽيڪس ريفنڊز ٻن کان ٽن ڏينهن مڪمل ڪيو ويندو، سي پيڪ 2 تحت پاڪستان ۾ برآمدات ۾ اضافو ٿيندو، آمدني ۽ خرچن تي صوبن سان صلاح مشورا شروع ٿي ويا آهن صوبن کي چيو پيو وڃي ته اهي پنهنجا خرچ پاڻ برداشت ڪن، اهڙا منصوبا جيڪي صرف صوبن لاءِ آهن انهن کي صوبن کي پنهنجي سالياني پلان ۾ آڻڻ گهرجي.