صوبن ۾ پاڻي تڪرار نبيرڻ لاءِ ٽيليميٽري سسٽم جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو، ڊيمن تي ڪم هلي پيو: حڪومت

سيپٽمبر 14, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڻي مامرن جي وزير مصدق ملڪ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آھي ته پاڻي جي فراهمي جي انگ اکرن کي چيڪ ڪرڻ لاءِ  ٽيليميٽري سسٽم جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو آھي ٽيليمينٽري سسٽم لڳائڻ جو ڪم هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو جنهن سان پاڻي جي فراهمي تي اختلاف ختم ٿي ويندا، جنهن جنهن هنڌ سسٽم لڳڻ گهرجي اتي لڳايو پيو وڃي. تفصيل موجب   قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير  مصدق ملڪ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ خوف واري صورتحال ناهي، جيترو پاڻي مختلف دريائن مان گذري سمنڊ ۾ ڪرڻ گهرجي ان کان وڌيڪ پاڻي سمنڊ ۾ وڃي چڪو آهي. 18 هين ترميم بعد سمورو ۽ پهريان گرائونڊ واٽر جي جا سمورا معاملا صوبن وٽ آهن. صوبن کي 18 هين ترميم بعد پاڻي جي معاملن کي هلائڻ جي لاءِ وڌيڪ با اختيار ڪيو ويو آهي. پنجاب واٽر ايڪٽ 2019 پاس ڪيو ويو آهي. پنجاب واٽر ريسورسز ڪميشن ٺهي چڪو آهي. ملڪ ۾ زير زمين پاڻي جي سطح بهتر ناهي. ان معاملي تي صوبن سان مشاورت ڪئي پئي وڃي. ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پاڻي جي سطح ڪرڻ جي شرح کي گهٽ ڪيو وڃي. پيپلز پارٽيءَ جي ميمبر شرميلا فاروقي چيو ته ڇا نيشنل واٽر پاليسي ۾ پاڻي جي غلط استعمال کي ڏٺو ويندو يا نه؟ صوبن ۾ پاڻي چوري ۽ ٻيا مسئلا اچي رهيا آهن. وفاقي وزير مصدق ملڪ جواب ڏنو ته پوري دنيا اندر گلوبل وارمنگ جا تمام گهڻا مسئلا آهن . هن سال هيٽ ويو نه پئي اچي. هن سال اپريل تائين 19.448 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊائون اسٽريم ڪوٽري وڃي چڪو آهي. پوري سال ۾ ڊائون اسٽريم ڪوٽري پاڻي وڃڻ جي ضررت 8 کان 10 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڏڪار جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت ڊيمن جي تعمير جي لاءِ تفصيل قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيا. پاڻي وسيلن واري وزارت موجب هلندڙ مالي سال وفاقي حڪومت ساڍا 10 کرب جي 32 ڊيمن جي منصوبن کي اسپانسر ڪري رهي آهي.  منصوبي سان 4 لک 36 هزار 934 ايڪڙ اضافي ايراضي زرخيز ٿيندي. وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته جن جاين تي ٽيلي ميٽري لڳن گهرجي ها اُتي هي سسٽم موجود نه هيو. جنهن سبب ان ڳالهه جو تعين ناهي ٿي سگهيو ته ڪنهن صوبي کي ڪيترو پاڻي مليو آهي؟ ان صورتحال سبب صوبن ۾ پاڻي تان تڪرار ٿيندو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ زير زمين پاڻي جي حوالي سان قانونسازي وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي. زير زمين پاڻي کي ريگوليٽري فريم ورڪ جي منظوري 2025 جي آخري ۾ ڏني ويندي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران وفاقي وزير عطاءَ تارڙ چيو ته هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي وفاقي جي نجي اسپتالن کي گهٽ ۾ گهٽ 37 هزار جو سرڪلر موڪلي ڇڏيو آهي. هڪ مهيني اندر ان تي عمل درآمد ڪرايو ويندو. خاطري ڪرائي ويندي ڪنهن به نرس يا پيراميڊيڪل اسٽاف کي 37 هزار کان گهٽ پگهار نه ملي.  قومي اسيمبلي ۾ ڀنگ ڪنٽرول ۽ ريگيوليٽري اٿارٽي بل 2024 ايوان پاران اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ڀنگ پوکڻ، ڪڍڻ ، صاف ڪرڻ ۽ تيار ڪرڻ بل جو حصو آهن، ڀنگ جا ٻوٽا طبي ۽ صنعتي استعمال لاءِ بل ۾ آهي. بل قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڊ پيش ڪيو.

Leave A Comment