پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز جي ڀرتين تان پابندي ختم: 15 هزار مقررين جو اعلان

اپريل 15, 2024

ڪراچي)رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ تعليم کاتي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽيز جي ڀرتين تان پابندي ختم ڪري ڇڏي، سنڌ ڪابينا جي منظوري بعد صوبي ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين وارو عمل شروع  ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي جي اختيارين باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ڪابينا جي فيصلي کانپوءِ تعليم کاتي جي اختيارين آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز  طور ڀرتي ڪرڻ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  استادن جي ڀرتين وارو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويندو، اڳ ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ 15 هزار اميدوارن کي پراڻن نتيجن آڌار سندن لاڳاپيل ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويندو

  واضح رهي ته گذريل سال اليڪشن کان اڳ سنڌ ڪابينا جي منظوري سان ڀرتين وارو عمل روڪيو ويو هو

لاڳاپيل پوسٽون

  • ريحام خان طرفان سياسي پارٽي جو اعلان

  • اسان جا ٻار حميرا اصغر جيان ڪو نه مرندا : فضا علي

  • لاڙڪاڻو: عورت رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

  • لاڙڪاڻي ۾ گٽر اٿلي پيا، گوڏي جيڏو پاڻي، شهري پريشان