پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز جون وڌيڪ 11 هزار ڀرتيون مڪمل: انگ وڌي 64 هزار ٿي ويو
سيپٽمبر 16, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي تعليم کاتي پاران پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جون مجموعي طور تي 64 هزار ڀرتيون مڪمل، 15 اپريل 2024ع تي ڀرتين وارو عمل ٻيهر شروع ٿيڻ بعد 5 مهينن دوران پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جون مختلف ضلعن ۾ 11 هزار ڀرتيون مڪمل ڪيون ويون. صوبي ۾ پي ايس ٽيز جون مجموعي طور تي 44 هزار ۽ جي اِي ايس ٽيز جون مجموعي طور تي 20 هزار ڀرتيون مڪمل ڪرڻ جي رپورٽ اختيارين حوالي، 28 فيبروري تائين ڀرتين جو عمل جاري رهندو، جنهن دوران ويٽنگ ۾ ويٺل اهل اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويندو. 28 فيبروري کان پوءِ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جا هزارين نوجوان پاس هجڻ باوجود ڀرتين جو مقرر مُدو مڪمل ٿيڻ بعد ڄاڻايل نوڪري لاءِ پاس ڪيل ٽيسٽ تحت اهل نه رهندا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي تعليم کاتي پاران پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين واري هلندڙ عمل دوران ڀرتين جي تفصيلي رپورٽ اعليٰ اختيارين حوالي ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان اختيارين حوالي ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز واري عمل دوران هن وقت تائين صوبي جي سمورن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو، گھوٽڪي، شهيد بينظيرآباد، دادو، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، خيرپور، ڪشمپور، بدين ۽ ٺٽي سميت ٻين ضلعن ۾ مجموعي طور تي 64 هزار ڀرتيون مڪمل ڪيون ويون آهن، اختيارين حوالي ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مجموعي طور تي 64 هزار ٿيل ڀرتين مان 44 هزار پي ايس ٽيز ۽ 20 هزار جي اِي ايس ٽيز جون ڀرتيون مڪمل ڪيون ويون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه مهينن تائين ڀرتين وارو عمل رُڪيل هجڻ کان پوءِ جڏهن 15 اپريل تي سنڌ ڪابينا پاران پابندي ختم ڪري ڀرتين واري عمل کي اڳتي وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي ته ان بعد هن وقت تائين رڳو 5 مهينن دوران مجموعي طور تي 11 هزار ڀرتيون ڪيون ويون آهن، جن مان 6500 پي ايس ٽيز ۽ 4500 جي اِي ايس ٽيز جون ڀرتيون شامل آهن. جڏهن ته 15 اپريل تي سمورن ضلعن پاران پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 16 هزار خالي جايون ڏيکاريون ويون هيون، جنهن بعد 5 مهينن دوران 11 هزار ڀرتيون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ 5 هزار ڀرتيون اڃا پائيپ لائين ۾ آهن. واضح رهي ته تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين وارو عمل 28 فيبروري تائين جاري رهندو. جنهن دوران ويٽنگ تي ويٺل اميدوارن کي خالي ٿيندڙ سيٽن تي مرحليوار ڀرتي ڪيو ويندو، 28 فيبروري 2025 تي ڀرتين وارو مقرر 3 سالن وارو مُدو مڪمل ٿيڻ بعد ويٽنگ تي ويٺل سمورا اميدوار به ڀرتي پاليسي تحت اهل نه رهندا.
مانيٽرنگ اسسٽنٽ ۽ ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرس جي ڀرتين جون تياريون
ڪراچي: تعليم کاتي ۾ مانيٽرنگ اسسٽنٽ جي 313 ۽ ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرس جي 980 خالي جاين تي ڀرتيون شروع ڪرڻ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، 15 ڏينهن اندر اشتهار جاري ڪري اميدوارن کان ڄاڻايل خالي جاين تي ڀرتين جي لاءِ درخواستون گھرايون وينديون. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته تعليم کاتي جي اختيارين پاران مانيٽرنگ اسسٽنٽ جي گريڊ 15 واري خالي پيل 313 ۽ گريڊ 15 واري ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرس جي 980 خالي جاين تي ڀرتيون شروع ٿيڻ وارو عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. ان حوالي سان تعليم کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ ڄاڻايل ٻنهي عهدن تي خالي جاين تي ڀرتين لاءِ سنڌ مان اميدوارن کان درخواستون گھرائڻ لاءِ اشتهار جاري ڪيا ويندا. جڏهن ته اميدوارن کان ٽيسٽ وٺڻ جا اختيار آءِ بي اي سکر حوالي ڪيا ويندا.
مانيٽرنگ اسسٽنٽ ۽ ارلي چائلڊ هوڊ ڀرتين لاءِ جعلي اشتهار سوشل ميڊيا تي وائرل
ڪراچي: مانيٽرنگ اسسٽنٽ ۽ ارلي چائلڊ هوڊ طور ڀرتين لاءِ جعلي اشتهار سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهن. ان حوالي سان تعليم کاتي جي لاڳاپيل اختيارين جو چوڻ آهي ته ارلي چائلڊ هوڊ ۽ مانيٽرنگ اسسٽنٽ تي ڀرتين لاءِ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اشتهار جعلي آهي. جڏهن ته اڃا تائين تعليم کاتي جي اختيارين پاران اهڙو ڪو به اشتهار جاري نه ڪيو ويو آهي.