پي ٽي آءِ باني نيب ترميمن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آڏو وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿي ويو

مَي 16, 2024

نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومت جي انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي، پي ٽي آءِ جو باني سپريم ڪورٽ آڏو وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيو، سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي سڌي نشر نه ڪئي وئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي هلائي، چيف جسٽس وفاقي سرڪار جي وڪيل مخدوم علي خان کي چيو ته ڏاڍيان آواز ۾ دليل ڏيو ته جيئن پي ٽي آءِ باني به ٻڌي سگهي، حڪومتي وڪيل جي دليلن دوران چيف جسٽس چيو ته توهان ٽيڪنيڪل اعتراض اٿاري رهيا آهيو، اسان انهن سوالن تي پي ٽي آءِ باني کان جواب وٺنداسين، پي ٽي آءِ باني اهي نقطا نوٽ ڪري ڇڏي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيڻ وقت مرڪندي نظر آيو، پي ٽي آءِ باني به چيف جسٽس کي مرڪندي ڏسي منهن تي هٿ رکي مرڪي ڏنو، عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment