پي ٽي آءِ پاران 180قومي سيٽون کٽڻ جي دعويٰ، مرڪز ۽ ٻن صوبن ۾ حڪومت ٺاهينداسين: عمر ايوب
فيبروري 19, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ پاران 180 قومي سيٽون کٽڻ جي دعويٰ، وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بيرسٽر گوهر چيو آهي ته عمر ايوب اسان جي وزيراعظم جو اميدوار هوندو. عمر ايوب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ چونڊن لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي آهي. پي ٽي آءِ چونڊن لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ 3 اپيلون داخل ڪيون. هن چيو ته اسان چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کان ڪيترائي ڀيرا استدعا ڪئي. 8 فيبروري تي ماڻهن پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو. اسان قومي اسيمبلي جون 180 سيٽون کٽيون آهن. بيرسٽر گوهر چيو ته بلوچستان ۾ به اسان جا ماڻهو کٽيا آهن پر اسان کي سيٽون نه ڏنيون ويون. سنڌ ۾ اسان کي هڪ به سيٽ نه ڏني وئي. فارم 45 موجب چونڊن جا نتيجا جاري ڪيا ويا. ان موقعي تي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهيندي. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوارن چونڊن ۾ 180 سيٽون کٽيون آهن. آئون وزيراعظم جي اليڪشن وڙهندس. عمر ايوب چيو ته اسان جون 18-19 سيٽون هيون جيڪي ايم ڪيو ايم کي ڏنيون ويون. عوام جي مينڊيٽ کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش کي رد ڪريون ٿا. عمر ايوب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم نامزد ڪرڻ تي پي ٽي آءِ باني جو ٿورائتو آهيان، وزيراعظم جو عهدو پي ٽي آءِ باني جي امانت هوندو. اسان جي سينئر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي پابنديون لڳايون ويون آهن اسان جو مقصد اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن کان ٻاهر ڪڍڻ آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن جي تبديلي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.