پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ڪي ڏکيائيون آهن ته ويهي ڳالهيون ڪري: وزيراعظم شهباز شريف
جُون 26, 2024
پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ڪي ڏکيائيون آهن ته ويهي ڳالهيون ڪري: وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي، قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪنهن سان زيادتي ٿئي ٿي ته انصاف جو پلڙو سدائين ڳرو هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اڄ پي ٽي آءِ باني کي ڪي ڏکيائيون آهن ته اچي ويهي ڳالهيون ڪري، وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي علي محمد خان ڏاڍي جذباتي تقرير ڪئي، ڪاش هو منهنجي والده جي موت جو حوالو به ڏئي ها، والده جي لاڏاڻي تي مون جيل سپرنٽنڊنٽ کي هڪ ڏينهن موڪل جي درخواست ڏني پر موڪل نه ملي، مان به ڪينسر جو مريض آهيان ۽ مان به جيل ۾ رهيو آهيان، مون کي قيدين جي وين ۾ آندو ويندو هو ته جيئن منهنجي چيلهه ۾ وڌيڪ تڪليف ٿئي، اسان کي گهران ماني گهرائڻ نه ڏني ويندي هئي، اسان جون دوائون بند ڪيون ويون، اسان نه ٿا چاهيون ته اهڙيون زيادتيون هنن سان به ٿين