عمران پاران آرمي چيف کان جنرل فيض جي اوپن ٽرائل جو مطالبو: فوجي معاملن ۾ مداخلت آهي، تڪرار پيدا نه ڪريو: حڪومت

آگسٽ 21, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان آرمي چيف کان اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته آئون آرمي چيف کان جنرل فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو ڪريان ٿو، ميڊيا کي اوپن ٽرائل جي ڪوريج جي اجازت ڏني وڃي. فيض حميد جي اوپن ٽرائل سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ پاڪستان ترقي ڪندو، رجيم چينج ۽ 9مئي جي سازش وائکي ٿي ويندي، هن چيو ته مون به جيڪڏهن بغاوت ڪئي آهي ته منهنجو به اوپن ٽرائل ڪريو، اهو ڪهڙي جمهوريت ۾ ٿيندو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جو ملٽري ٽرائل ڪيو وڃي، هڪ سوال تي عمران چيو ته منهنجي گرفتاري جو حڪم فوج جي نمبر ون، بادشاهه ۽ سپر ڪنگ ڏنو هو، 9مئي نيشنل سيڪيورٽي نه لوڪل معاملو آهي، هي ملٽري جو اندروني معاملو ناهي، هي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي اغوا جو معاملو آهي، هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته منهنجو فيض حميد سان ان وقت تائين رابطو هو جڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ آئون وزيراعظم هيس، رٽائرڊ ٿيڻ بعد فيض حميد سان رابطو نه رهيو، جڏهن ڪو آرمي مان رٽائرڊ ٿي ويندو آهي ته ان وٽ ڪا به طاقت ناهي هوندي، اهو هيرو مان زيرو ٿي ويندو آهي، فيض رٽائرمينٽ بعد مون کي ڪهڙو فائدو پهچائي ها

هوڏانهن وفاقي سرڪار فيض حميد جي اوپن ٽرائل وارو پي ٽي آءِ باني جو مطالبو فوجي معاملن ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو، سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطاء تارڙ چيو آهي ته فيض حميد جي دفاع ۾ بيان ڏيندڙ پهرين 190 ملين پائونڊز جو حساب ڏئي، کيس پي ٽي آءِ باني ڪڏهن اثاثو، ڪڏهن هيرو ۽ ڪڏهن زيرو سڏي ٿو، لڳي ٿو هو ذهني پريشانين جو شڪار آهي. هن چيو ته فيض حميد جي اوپن ٽرائل وارو مطالبو  فوج جي معاملن ۾ مداخلت آهي، باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي مسلسل ڪوشش آهي ته هو پنهنجي بيانن سان ان معاملي کي تڪراري بڻائي. هن چيو ته باني تحريڪ انصاف فيض حميد ڪيس کي فوج جو انٽرنل معاملو قرار نه ڏئي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته فيض حميد واقعي ئي باني تحريڪ انصاف جو اثاثو هيو، فيض حميد ڪيس ۾ به اهو ئي پتو پوي ٿو ته باني چيئرمين تحريڪ انصاف ماڻهن جو استعمال ڪري اُڇلائڻ ۾ ڪو ئي ثاني نٿو رکي. هن چيو ته باني تحريڪ انصاف کي محسن ڪشي ۾ مهارت حاصل آهي.

Leave A Comment