ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ )سنڌ هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين اڳواڻن جي سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي هلائي، جنهن دوران وفاقي گهرو وزارت طرفان جواب جمع ڪرايو ويو
درخواستگذار جي وڪيل کي گهرو وزارت جي جواب جي ڪاپي فراهم ڪئي وئي، عدالت وفاقي گهرو وزارت جو جواب به عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو
عدالت اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جي سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جيل جي سڪيورٽي جو مسلسل جائزو وٺي رهي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته لاڳاپيل اختياريون جيل اندر ۽ ٻاهر سڪيورٽي وڌائين، درخواستگذار کي خدشا آهن ته هو لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهي ٿو، جواب ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان جي راءِ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي سڪيورٽي وڌائي وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي خطرن کي نظر ۾ رکندي انتظام ڪرڻ جو چيو آهي
چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪو توهان جي جيل ۾ آهي، ان جي حفاظت توهان جي ذميواري آهي، سرحد پار کان خطرو آهي، ڌمڪين کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي، ايتريون ايجنسيز آهن، انهن کي خبر هوندي آهي ته ڪير آهي؟ ڪٿان اچي رهيو آهي؟ ۽ ڪڏهن حملو ڪري رهيو آهي؟
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي فول پروف سڪيورٽي انتظام ڪرڻ جو چيو آهي، عدالت چيو ته وفاقي حڪومت ائين جان نه ٿي ڇڏائي سگهي، ٻاهران حملي جو خطرو آهي ته وفاقي حڪومت معاملي کي ڏسندي، اسان معاملي جي سنجيدگي کي ڏسندي جواب طلب ڪيو هو
چيف جسٽس درخواستگذار کي چيو ته توهان جي ليگل ٽيم کي گهرجي ته صحيح جڳهه تي وڃي درخواست داخل ڪرائي، توهان هتي چئي هليا وڃو ٿا ته پويان ڳالهيون ٿين ٿيون ته پي ٽي آءِ باني کي رليف ڏنو پيو وڃي
هن چيو ته اسان کي قانون موجب معاملن کي ڏسڻو پوندو آهي، پي ٽي آءِ جو باني هجي يا نواز شريف، سڀاڻي توهان چوندا ته پي ٽي آءِ باني کي اڊيالا مان هتي منتقل ڪيو وڃي،عدالت پي ٽي آءِ باني کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت درخواست اڪلائي ڇڏي