پي ٽي آءِ باني، شاهه محمود قريشي، بشريٰ بي بي ۽ پرويز الاهي خلاف ڪيس ختم ڪيا وڃن: اسد قيصر

مارچ 4, 2024

پي ٽي آءِ باني عمران خان، شاهه محمود قريشي، بشريٰ بي بي ۽ پرويز الاهي خلاف ڪيس ختم ڪيا وڃن، ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسان جي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ته جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي لاءِ توهان سان گڏ هونداسين: اسد قيصر جي قومي اسيمبلي ۾ تقرير، اسد قيصر چيو ته جنهن شخص پاڪستان جو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو ان کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو، پي ٽي آءِ جو باني دهشتگرد آهي ته پوءِ اسان به دهشتگرد آهيون، محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو هڻندڙن کي چوان ٿو ته خوف ۽ ڏهڪاءَ جو وقت هاڻي گذري ويو، بئرسٽر گوهر پاران تقرير دوران بلاول تي تنقيد ڪرڻ تان پيپلزپارٽي جي ميمبرز جو گوڙ، بئرسٽر گوهر چيو ته جمهوريت جون ڳالهيون ڪندڙ بلاول اسان جي عورتن تي تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو، پي ٽي آءِ باني هنن جي موروثي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، مون جهڙي ڪارڪن کي پي ٽي آءِ جو چيئرمين لڳايو ويو، ڇا پيپلزپارٽي وٽ اهڙو ڪو ماڻهو نه هو جيڪو پارٽيءَ جو صدر بڻجي سگهي ها، قانون جي بالادستي جي معاملي ۾ اسان رڳو افغانستان ۽ ميانمار کان اڳتي آهيون، باقي سڀني کان پوئتي آهيون

Leave A Comment