پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن تي حملي واري واقعي جو اسلام آباد جي آبپاره ٿاڻي تي ڪيس داخل

مَي 22, 2024

پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن تي حملي واري واقعي جو اسلام آباد جي آبپاره ٿاڻي تي ڪيس داخل، ايف آءِ آر ۾ رئوف حسن چيو آهي ته نجي ٽي وي جي پروگرام لاءِ ريڪارڊنگ ڪرائڻ بعد پارڪنگ ۾ وڃي رهيو هيس ته ظاهري طور خواجا سرا لڳندڙ هڪ شخص روڪي حملو ڪيو، ڪجهه دير ۾ سندس ٻيا ساٿي به پهچي ويا، اهي به خواجا سرا لڳي رهيا هئا، هو قتل ڪرڻ جي نيت سان منهنجي ڳلي تي لاڳيتو تيز ڌار اوزار سان وار ڪري رهيا هئا، پي ٽي آءِ جو ترجمان آهيان منهنجي حياتي کي خطرو آهي، تحفظ ڏنو وڃي

Leave A Comment