پي ٽي آءِ قيادت جي فضل الرحمان سان ملاقات: پارليامينٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق
آگسٽ 24, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) پي ٽي آءِ قيادت جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ پاران پارليامينٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پي ٽي آءِ قيادت مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿي، چيئرمين پي ٽي آءِ بئرسٽر گوهر جي سربراهي ۾ وفد مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، وفد ۾ اسد قيصر، شبلي فراز، رئوف حسن شامل هئا، جي يو آءِ اڳواڻ عبدالغفور حيدري، مولانا لطف الرحمان به موجود هئا، ڪامران مرتضيٰ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات دوران پي ٽي آءِ وفد سپريم ڪورٽ ۾ ڪامياب ڪيس وڙهڻ تي فضل الرحمان کي مبارڪون ڏنيون. جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر فضل الرحمان کي تعاون جي درخواست ڪئي، ذريعن موجب ٻنهي پارٽين وچ ۾ ويڇا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻنهي پارٽين جون ڪاميٽيون قائم ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون، پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ تعاون جي درخواست ڪئي، پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته پارليامينٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهجي ٿو، ذريعن موجب جي يو آءِ پاران چيو ويو ته پارٽي ۾ مشاورت بعد ڪو فيصلو ڪري سگهجي ٿو.ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين پي ٽي آءِ بئرسٽر گوهر خان چيو ته ملاقات سٺي رهي، پارليامينٽ جي معاملن تي مشاورت ٿي، اهي راضي به ٿي ويا آهن، پهرين ملاقات ناهي ان کان به ملاقاتون ٿيون آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن چيو ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي تي گڏيل طور اڳتي وڌڻ جو فيصلو ٿيو آهي، جي يو آءِ اڳواڻ اسلم غوري چيو ته وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي، پارليامينٽ ۾ معاملن تي گڏجي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سينيٽ ۾ شبلي فراز ۽ ڪامران مرتضيٰ گڏجي معاملن کي اڳتي وڌائيندا