پي ٽي آءِ پاران اسيمبلي نه ڇڏڻ جو اعلان: حڪومت هڪ جلسي جي مار آهي: پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر

سيپٽمبر 12, 2024

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر قومي اسيمبلي ۾ چيو ته اسان جا 10 ايم اين ايز اڃا تائين ٿاڻن تي قيد آهن، اسپيڪر گرفتار ڪيل پارليامينٽيرينز جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪري، هن چيو ته قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفائون نه ڏينداسين، حڪومت هڪ جلسي جي مار آهي، اسان سدائين چيو آهي ته ڳالهيون ڪيو، ملڪ ۽ جمهوريت خاطر رستو ڪڍو، پي ٽي آءِ اڳواڻن کي جلسو ليٽ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، هي ڪو شادي هال آهي جو رات جا ساڍا 8 ٿيڻ تي بلب بند ڪيا وڃن ۽ گرفتاريون ڪيون وڃن؟ دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ جلسن لاءِ اهڙو شرط رکيو ويندو آهي؟.

Leave A Comment