پي ٽي آءِ پاران گرينڊ الائنس ٺاهڻ جو اعلان: عمران چيو ته فوج به عوام منجهان آهي: عمر ايوب
آگسٽ 2, 2024
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ 15 ڏينهن ۾ اپوزيشن جو گرينڊ الائنس جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، باني پي ٽي آءِ سان جيل ۾ ملاقاتن بعد اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ راڪيٽ لانچر کڻي اڊيالا جيل تي حملو نٿا ڪري سگهون، عمر ايوب چيو ته حڪومتي اتحاد فوج ۽ پي ٽي آءِ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني واضح ڪيو آهي ته فوج به عوام منجهان آهي، اسد قيصر 15 ڏينهن ۾ اپوزيشن جو گرينڊ الائنس جوڙڻ جو اعلان ڪيو، اسد قيصر چيو ته اسان وڏو سياسي اتحاد ٺاهي رهيا آهيون، ايندڙ 15 ڏينهن ۾ اتحاد ٺاهينداسين، هر ان پارٽي کي گڏ کڻنداسين جيڪا هن حڪومت خلاف هجي، هن چيو ته عمران کي غيرقانوني طور جيل ۾ رکيو ويو آهي، ان لاءِ آواز اٿارڻو آهي، اُن کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران عمر ايوب چيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم خصوصي طور پي ٽي آءِ لاءِ ڪئي وڃي ٿي، ڪنهن به عدالت ۾ تڪراري قانونسازي برقرار نه رهندي.