پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ 8 جون تي جلسي جي مشروط اجازت ملي وئي

مَي 31, 2024

اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ کي وفاقي راڄڌاني ۾ 8 جون تي جلسي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، انتظاميا پاران 39 شرطن تي پي ٽي آءِ کي راوت جي ٽي روڊ تي جلسي جي اجازت ڏني وئي، اين او سي به جاري، ڊي سي اسلام آباد پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلو ڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايل شرطن موجب جلسو مقرر وقت تي ختم ٿيندو، رياست مخالف نعرن ۽ تقرير جي اجازت نه هوندي

Leave A Comment