پي ٽي آءِ کي ٻيهر ڳالهين جي دعوت: روڊ ڇڏي ايوان ۾ اچو، اپوزيشن ڪريو ۽ 2029ع تائين انتظار ڪريو: ن ليگ/پ پ
مَي 27, 2024
لاهور/نارووال (م ڊ) حڪومت پي ٽي آءِ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي، روڊن جي سياست ڇڏي ايوان ۾ اچڻ ۽ اقتدار جي خواهش لاءِ 2029ع تائين انتظار ڪرڻ جو مشورو به ڏئي ڇڏيو
ان ڏس ۾ وقتي صدر ۽ پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته پيپزپارٽي حاضر آهي، فيصلو پي ٽي آءِ کي ڪرڻو آهي، پي ٽي آءِ فيصلو ڪري ته ڳالهيون ڪنهن سان ڪرڻيون آهن. هن چيو ته حڪومت جي سٺن ڪمن ۾ ساٿ ڏينداسين
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اسان ڪڏهن به ناهي چيو ته حڪومت سان گڏ ناهيون، پنجاب حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) سان ڳالهيون هلي رهيون آهن
هارين بابت ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته هارين جي معاملي ۾ وچ وارن پيسا ڪمائي ورتا، ان سان هارين جو نقصان ٿيو آهي
سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي هارين جي حق ۾ آهي، جڏهن بجيٽ ٺاهينداسين ته پيپلز پارٽي پنهنجي ان پاليسي موجب حڪومت کي صلاح ڏيندي، جيڪا به بجيٽ پيش ڪئي وڃي اها نوجوان ۽ هاري دوست هجڻ گهرجي
هوڏانهن وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ روڊن کي ڇڏي پارليامينٽ ۾ هاڪاري اپوزيشن ڪري ۽ اقتدار ۾ اچڻ جي خواهش لاءِ 2029ع جو انتظار ڪري
نارووال ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته 9 مئي جي واقعن کي قوم ڪڏهن معاف نٿي ڪري سگھي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سياست ۾ مار کائڻ بعد عدالتن جو ڪلهو استعمال ڪندي آهي
پي ٽي آءِ قيادت روڊن کي ڇڏي ايوان ۾ اچي. هاڪاري اپوزيشن ڪري. با مقصد ڳالهين لاءِ اسان جا دروازا سمورين پارٽين لاءِ کليل آهن. اقتدار ۾ اچڻ جي خواهش لاءِ 2029ع جو انتظار ڪري