نصابي ڪتابن جي ڇپائي ۾ دير: سنڌ جي اسڪولن کانپوءِ ڪاليج به 14 اگسٽ تائين بند
جُولاءِ 25, 2024
ڪراچي( رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسڪول ايجوڪيشن کاتي کانپوءِ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي به صوبي ۾ گرم موسم ۽ امڪاني برساتن جا عذر ڏئي پرڳڻي جا سمورا سرڪاري ۽ خانگي ڪاليج 14 آگسٽ تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، هاڻي سنڌ جا سمورا ڪاليج ۽ اسڪول 15 آگسٽ تي کُلندا. ان حوالي سان ڪالهه ڪاليج ايجوڪيشن کاتي پاران موڪلن ۾ واڌ جو باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف آزاد ذريعن جو چوڻ آهي ته درسي ڪتابن جي ڇپائي ۾ دير سبب اونهاري ويڪيشن ۾واڌ ڪئي وئي آهي، انهي کان اڳ يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي جي مخالفت باوجود تعليمي نئون سيشن اپريل بجاءِ آگسٽ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ٻئي طرف سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري دعويٰ ڪئي آهي ته ڪتابن جي ڇپائي وارو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، نصابي ڪتابن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پهرين آگسٽ تائين فراهمي ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته نصابي ڪتابن جي ڇپائي ۾ ڪيترائي چيلنجز هئا، انهي باوجود ڪتابن جي ڇپائي وارو عمل نه روڪيو ويو، هن چيو ته ڪتابن جي ڇپائي جي حوالي سان ڪو به مونجھارو ناهي، مڪينيزم مڪمل طور تي تيار ٿي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 15 آگسٽ تي اسڪول کُلڻ کان اڳ ئي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتابن جي دستيابي جو ڪم مڪمل ٿي ويندو.
سرڪاري اسڪولن ۾ بوڪ بينڪ ٺاهڻ وارو منصوبو ناڪام
ڪراچي: تعليم کاتي جي اختيارين پاران سرڪاري اسڪولن ۾ بوڪ بينڪ ٺاهڻ وارو منصوبو ناڪام، پرڳڻي جي اڪثر ضلعن جا ڊي اِي اوز پاس آئوٽ ڪندڙ شاگردن کان پراڻا ڪتاب واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام، رڳو 10 کان 20 سيڪڙو ڪتاب بوڪ بينڪن ۾ جمع ٿي سگھيا، تعليم کاتي جي اختيارين اهڙي صورتحال ۾ ڊي اِي اوز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽن ڏينهن اندر بوڪ بينڪن ۾ جمع ٿيل ڪتابن ۽ ضلعي ۾ گھربل درسي ڪتابن جا تفصيل طلبي ورتا.
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڇپجندڙ ڪتابن جي انگ بابت آر ايس يو کان ڊيٽا ورتي هئي
ڪراچي: ڪتابن جي ڇپائي کان اڳ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران ريفارم سپورٽ يونٽ (آر ايس يو) کان شاگردن جي انرولمينٽ جي ڊيٽا ورتي وئي هئي، اهڙا تفصيل وٺڻ بعد ئي ڪتابن جي ڇپائي جو ڪم شروع ڪرايو ويو هو.