پنجاب مان لڙهي آيل وزني ٻيڙو گڊو بئراج جي گيٽ ۾ ٽڪرائجي ويو
آگسٽ 22, 2024
گڊو (ن پ ا) پنجاب جي علائقي مان سنڌو درياءَ ۾ لڙهي آيل وزني ٻيڙو گڊو بيئراج وٽ گيٽ نمبر 27 سان ٽڪرائجي اونڌو ٿي پيو، ٻيڙو گيٽ ۾ ڦاٿل آهي، آبپاشي عملي ٻيڙي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي اپاءُ نه ورتا آهن
ٻئي پاسي آبپاشي عملدارن جو چوڻ آھي ته بئراج جي گيٽ کي جزوي نقصان ٿيو آھي ٻئي پاسي ايريگيشن گڊو بئراج انتظاميه پاران ٻڌايو وڃي پيو ته لڙھي آيل ٻيڙو ڪراچي انڊس اسپتال جي تعاون سان راجنپور پنجاب جي ڪچي واري علائقي لاءِ موبائل اسپتال ٻيڙو ڏنو ويو ھيو، راجنپور جي ڪچي واري علائقي ۾ سيلاب اچڻ ڪري ٻيڙو لڙھي آيو آھي
گڊو بئراج انتظاميه ٻڌايو آھي ته ٻيڙو تمام وزني آھي ۽ اسان وٽ ان کي پاڻي مان ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ھيوي مشينري نه آھي ۽ پاڻي وڌيڪ ھئڻ ڪري پاڻي جو دٻاءُ پڻ آھي، پاڻي جو وڌيڪ دٻاءُ ھئڻ ڪري گيٽ ۽ بئراج کي ڪو نقصان نه ٿئي، جنھن ڪري اھو فيصلو ڪيو ويو ته گيٽ کي کولي ٻيڙي کي اڳتي لوڙھيو وڃي جنھن بعد گيٽ کوليو ويو ۽ ٻيڙو بئراج کان اڳتي نڪري ويو آھي.