پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف کي سڀاڻي لاهور ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

سيپٽمبر 20, 2024

پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف کي سڀاڻي لاهور ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ذريعن موجب ڊي سي لاهور جي سربراهي ۾ جاري اجلاس دوران جلسي جو هنڌ طئي ڪرڻ لاءِ غور ويچار ڪيو پيو وڃي، جلسي لاءِ سيڪيورٽي پلان به جوڙيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ پاران سڀاڻي مينار پاڪستان وٽ جلسي جي اعلان بعد انتظاميا پاران مختلف علائقن مان ڪنٽينر گهرايا ويا

لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ بابت ڊي سي لاهور کي اڄ شام 5 وڳي تائين فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ڊي سي لاهور پاران ڪجهه دير ۾ پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ بابت اعلان ڪيو ويندو

جسٽس فاروق حيدر جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ ٻيا عملدار عدالت آڏو پيش ٿيا

عدالتي ڪمري ۾ ئي پي ٽي آءِ پاران جلسي جي اجازت لاءِ ڊي سي لاهور کي درخواست ڏني وئي، جسٽس محمد طارق نديم رمارڪس ۾ چيو ته دنيا خبر ناهي ڪٿي وڃي پهتي، اسان اڃا اتي آهيون ته جلسي جي اجازت نه آهي ۽ ڳالهائڻ جي اجازت نه آهي

Leave A Comment