پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ باني عمران خان سان اڊياله جيل ۾ ملاقاتن تي پابندي لڳائي ڇڏي
مارچ 12, 2024
پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ باني عمران خان سان اڊياله جيل ۾ ملاقاتن تي پابندي لڳائي ڇڏي، ذريعن موجب پنجاب جي گهرو کاتي پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقاتن تي ٻن هفتن تائين پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جيل انتظاميا پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقاتن لاءِ اڱاري ۽ خميس جا ڏينهن مقرر ڪيا هئا، راولپنڊي پوليس اڊياله جيل ٻاهران ميڊيا جي ڪوريج تي به پابندي لڳائي هئي، اڊياله جيل جي گيٽ نمبر 5 ٻاهران ميڊيا جي گاڏين جي پارڪنگ واري هنڌ بيريئر لڳايا ويا