پنجاب جي ملازمن کي عيد تي جون جي پگهار به ڏيڻ جو فيصلو

جُون 10, 2024

لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت عيدالاضحيٰ تي سرڪاري ملازمن کي جون جي پگهار اڳواٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ملازمن کي عيد کان اڳ پگهار ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. حڪومت پنجاب جي وزيراعليٰ جي حڪمن تي ملازمن کي پگهار ڏيڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ملازمن کي 13 جون کان اڳ جون جي پگهار ادا ڪئي ويندي. ذريعن موجب سومر کان شروع ٿيندڙ هفتي دوران ملازمن کي پگهارن جي ادائيگي جو عمل شروع ٿي ويندو. مريم نواز جو اڳواٽ پگهار ڏيڻ جو فيصلو ملازمن کي عيد جي خرچن ۾ آساني فراهم ڪرڻ آهي.

Leave A Comment