پنجاب جي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس جاري

فيبروري 26, 2024

پنجاب جي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس جاري، سني اتحاد ڪائونسل جا واڪ آئوٽ ڪري ويل ميمبر ايوان ۾ واپس اچي ويا، اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان پاران سني اتحاد ڪائونسل جي نامزد وڏي وزير راڻا آفتاب کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ميمبرز احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو، اسپيڪر جي هدايت تي جوڙيل 4 رڪني ڪميٽي سني اتحاد ڪائونسل جي واڪ آئوٽ ڪري ويل ميمبرز کي پرچائي ورتو، نواز ليگ جي نامزد سي ايم مريم نواز ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو نامزد وڏو وزير راڻا آفتاب ميدان ۾ لٿل، مريم نواز پنهنجي والده ڪلثوم نواز جي تصوير کڻي ايوان ۾ پهتي، سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرز جي ڇتي نعريبازي، راڻا آفتاب احمد ايوان ۾ اڪثريت جي دعويٰ ڪري ڇڏي، راڻا آفتاب جو چوڻ هو آهي ته اسان وٽ ميمبرز جو وڏو انگ موجود آهي، اڄ سڀني کي سرپرائيز ڏينداسين، نواز ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڄ پنجاب جي ترقيءَ جو نئون دور شروع ٿيندو، مريم نواز پنجاب جي سي ايم طور ميان نواز شريف جي روايتن کي اڳتي وڌائيندي

Leave A Comment