پنجاب پوليس جو ڪچي ۾ آپريشن، حملي جو مُک جوابدار بشير شر مارڻ جي دعويٰ، 12شهيد اهلڪارن جي تدفين
آگسٽ 24, 2024
اوٻاوڙو (رپوٽ: فيض الله سميجو) پنجاب پوليس پاران 12 اهلڪارن جي شهادت بعد ڪچي ۾ وڏو آپريشن، ڌاڙيل بشير شر کي مارڻ جي دعويٰ، 3 ڌاڙيلن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع
آ۽ جي پنجاپ عثمان انور واقعي بابت نوٽس وٺندي ڊي پي او رحيميار خان رضوان عمر گوندل کي عهدي تان فارغ ڪندي لائن حاضر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شهيدن جي جنازي نماز بعد تدفين لاءِ مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا ويا، تفصيل موڪب، ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پنجاب پوليس جي 12 اهلڪارن جي رحيم يار خان پوليس لائين ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، آءِ جي پنجاب عثمان انور، شهيدن جي وارثن، پوليس جي ٻِين آفيسرز، جوانن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شهيدن جا مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا ويا، سنڌ پنجاب دنگ تي ماچڪو ٿاڻي جي حد واري ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 اهلڪار شهيد ۽ 9 زخمي ٿي پيا، شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ محمد عمران، محمد ساجد، راجا ڪنول، محمد منير، اجي رام، بيرم رام، محمد احمد، عبدالله، انس، ستار، احمد نواز ۽ راشد شامل آهن، جڏهن ته زخمي اهلڪارن ۾ وسيم، بلاول، نبيل، شهزاد، محمد ايوب، فاروق ۽ ابرار شامل آهن
پوليس ذريعن موجب رات ڪچي اندر ڊيوٽي تي موجود 22 اهلڪار ٻن موبائيلن ۾ سوار ٿي موڪلن تي وڃي رهيا هئا ته سندن هڪ گاڏي برساتي پاڻي ۾ ڦاسي پئي، ڌاڙيلن اوچتو راڪيٽ لانچرز ۽ ٻين هٿيارن سان مٿن حملو ڪري ڏنو، زخمي اهلڪارن کي رحيم يار خان جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو
پوليس ذريعن موجب پنجاب پوليس تي حملو شر گينگ ۽ ڪوش گينگ جي ڌاڙيلن ڪيو، هوڏانهن پنجاب پوليس پاران 12 اهلڪارن جي شهادت بعد ڪچي ۾ وڏو آپريشن، ڌاڙيل بشير شر کي مارڻ ۽ 3 ڌاڙيلن کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، ماڇڪو ٿاڻي جي حد واري ڪچي ۾ پوليس اٽالا ۽ ايليٽ فورس جا ڪمانڊوز پهچي ويا، ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ سنڌ پوليس کان به مدد ورتي پئي وڃي
ٻئي پاسي آ۽ جي پنجاپ عثمان انور واقعي بابت نوٽس وٺندي ڊي پي او رحيميار خان رضوان عمر گوندل کي عهدي تان فارغ ڪندي لائن حاضر ڪري ڇڏيو ۽ ڊي ايس پي آرگنائزر ڪرائم رحيميار خان ڪليم احمد ڀهٽي کي به عهدي تان فارغ ڪندي لائن حاضر ڪري ڇڏيو.
ڌاڙيل پڪڙيو هڪ ڪروڙ انعام وٺو: پنجاب حڪومت جو اعلان
لاهور(م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب جي هدايت تي ڪچي جي ڌاڙيلن مٿان هڪ ڪروڙ انعام مقررڪيو ويو. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب خطرناڪ ڌاڙيل تي 50 لک انعام ۽ ٻين ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي گرفتاري تي 25 لک انعام مقرر ٿيو. پنجاب جي وزيراعليٰ واضح ڪيو ته پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث دهشتگردن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو.
ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف وڏي آپريشن جي تياري ڪري ڇڏي آهي: ناصر شاهه
سکر (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پنجاب پوليس جي جوانن جي شهادت وارو انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ڌاڙيلن خلاف هڪ وڏي آپريشن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي
سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته مخدوم جميل الزمان اسان جو وڏو آهي، وڏا اِن طرح جون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، پارٽي ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي، هن چيو ته مريم نواز پنجاب ۾ جيڪو هاڻي ڪري رهي آهي، اهو اسان گهڻو وقت اڳ ڪري چڪا آهيون
سندس چوڻ هو ته سيپٽمبر ۾ اسان بسپ جي ڊيٽا تحت 2 لک سولر پينل ورهائي رهيا آهيون، ان کانسواءِ 5 لک وڌيڪ سولر پئنل ورهائڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، هن وقت سولر پينل، هڪ پکو، ٽي بلب، هڪه چارجر ۽ بيٽري ڏيڻ جي جلد شروعات ڪئي ويندي، ڪنهن جي جان جو ازالو نٿو ڪري سگهجي پر اهڙن حادثن سان متاثر خاندان تمام گهڻو تڪليف مان گذرندا آهن. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سزا ڏياري ويندي ۽ ڌاڙيلن خلاف هڪ وڏي آپريشن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي.