پنوعاقل: پوليس مغوي ٻارڙو بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام: شهري سراپا احتجاج، شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال

مَي 16, 2024

پنوعاقل ۾ ڏينهن ڏٺي گهر اندر ڌاڙي دوران ٻارڙو اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف ٽئين ڏينهن به شهري سراپا احتجاج، شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال، سول سوسائٽي ٻار جي اغوا خلاف ٻن ڏينهن جي هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو، شهرين پاڻمرادو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، معصوم ٻار محمد حسن جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريلي به ڪڍي وئي، مظاهرين پاران محمد حسن کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو، مغوي ٻارڙي جي امڙ صدمي ۾ بي حال، مغوي ٻار جي امڙ جو چوڻ آهي ته منهنجو رڳو هڪ ئي مطالبو آهي ته مون کي پنهنجو ٻچڙو واپس ڪرائي ڏيو

Leave A Comment