پنوعاقل پوليس پاران گهر مان ڌاڙي دوران اغوا ڪيل ٻار حسين آرائين جي بازيابيءَ جي سلسلي ۾ اڳڀرائي جي دعويٰ
مَي 18, 2024
پنوعاقل پوليس پاران گهر مان ڌاڙي دوران اغوا ڪيل ٻار حسين آرائين جي بازيابيءَ جي سلسلي ۾ اڳڀرائي جي دعويٰ، ڊي ايس پي قلندر بخش سومرو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس ٽريس ٿي ويو آهي، جلد عوام کي خوشخبري ٻڌائينداسين، ٻار جي محفوظ بازيابي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪجهه ٽائيم وٺي رهيا آهيون، ڊي ايس پي ڪنهن ڳجهي هٿ پاران ٻار جي بازيابي روڪڻ وارن افواهن جي سختيءَ سان ترديد ڪري ڇڏي
اغوا ڪيل ٻار حسين آرائين جو پيءُ محمد اڪرم ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي روئي ويٺو
پنوعاقل ۾ گهر مان ڌاڙي دوران اغوا ڪيل ٻار حسين آرائين جو پيءُ محمد اڪرم ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي روئي ويٺو، محمد اڪرم چيو ته منهنجي پٽ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ سنڌ واسين جو ٿورائتو آهيان، پوليس جلد ٻارڙو بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جهولي جهلي اپيل ڪيان ٿو ته مون کي پنهنجو ٻچڙو موٽائي ڏيو