قادر مندوخيل مصطفيٰ ڪمال جي ڪاميابي کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو
فيبروري 15, 2024
ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 242 تان هارايل پيپلزپارٽي جي اميدوار قادر مندوخيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي ڪاميابي کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، قومي تڪ تي ٻيهر پولنگ ڪرائڻ جي استدعا، اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ٻاهران ڳالهائيندي قادر خان مندوخيل چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن پولنگ اسٽيشنز اندر داخل ٿي ڌانڌلي ڪئي، اسان لغڙ جي نشان تي ٺپو لڳل هزارين بيلٽ پيپرز ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کان کسيا، لغڙ جي نشان تي ٺپا لڳل 28 هزار بيلٽ پيپرز ڌانڌليءَ جو وڏو ثبوت آهن، قادر مندوخيل پاران پولنگ اسٽيشن اندر داخل ٿي بيلٽ باڪس اڇلائڻ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي