قادرپور ڀرسان ڌاڙيلن پاران پوليس چوڪي تي حملي دوران مبينا اغوا ٿيل 3 پوليس اهلڪار راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب
اپريل 25, 2024
قادرپور ڀرسان ڌاڙيلن پاران پوليس چوڪي تي حملي دوران مبينا اغوا ٿيل 3 پوليس اهلڪار راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب، حملي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جو مڙهه جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي، ڌاڙيلن گذريل ڏينهن قادرپور پوليس چوڪي تي حملو ڪري هڪ اهلڪار شاهه علي سيال کي گوليون هڻي شهيد ڪيو هو، ڌاڙيل حملي بعد چوڪي تان اهلڪار شهزادو مهر، محمد گبول ۽ قيصر ڪلهوڙو کي اغوا ڪري ويا هئا، ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا جو چوڻ آهي ته 80 کان وڌيڪ ڌاڙيلن پوليس چوڪي تي حملو ڪيو، اهلڪار اغوا نه ٿيا هئا، ڏوهارين جو پيڇو ڪندي ڪچي طرف ويا هئا