قمبر ويجهو زمين جي تڪرار تان خوني جهيڙو: مارجي ويل 4 ڄڻن جا جنازا کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ

مَي 14, 2024

قمبر ويجهو زمين جي تڪرار تان سئوٽن ۾ خوني جهيڙي دوران مارجي ويل 4 ڄڻن جا جنازا کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ، ڳوٺ در محمد مغيري ۾ رات جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هِير خاتون، ياسين مغيري ۽ ڪمال مغيري مارجي ويا هئا، فائرنگ ۾ 5 ڄڻا زخمي به ٿيا هئا، زخمين مان مقتوله هير جي مڙس ارباب به اڄ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو، زخمي ٿيل 4 ڄڻن جو لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ علاج جاري، ٻن زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي، پوليس موجب جهيڙو سئوٽن وچ ۾ جاري زمين جي تڪرار تان ٿيو، جوابدار ڌر گهر خالي ڪري وئي آهي

Leave A Comment