قاضي احمد لڳ نئين ٽول پلازا قائم ڪرڻ جا سانباها، سامان لاٿو ويو، عوام پريشان

آگسٽ 3, 2024

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ قومي شاھراهه تي ڪنڊيارو، راڻيپور، مورو ۽ سعيد آباد کان پوءِ غير قانوني ٽول پلازا لڳائڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، جنهن لاءِ سامان پڻ لاٿو ويو آھي، ان ڏس ۾ قاضي احمد، نواب ولي محمد ۽ دولتپور واسين اڳوڻي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي قاضي احمد ڄام آفتاب انڙ، ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين انجنيئر غفار جتوئي، سماجي اڳواڻ ولي محمد جوکيو سميت ٻين اھڙي عمل جي نندا ڪندي چيو آھي ته قاضي احمد ڀرسان قومي شاهراهه تي ھٿ ٺوڪي ٽول پلازا لڳائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هنن چيو ته قومي شاهراهه تي قدم قدم تي ٽول پلازا لڳائڻ جائز ناهي، هنن چيو ته عوام مٿان ٽول ٽيڪس جو راتاھو غيرقانوني ۽ عير اخلاقي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.

Leave A Comment