ربيع ۾ 16سيڪڙو کوٽ ڊڪليئر: پهريون ڀيرو سيزن لاءِ ورڇ نومبر ۾ ڪرڻ جو فيصلو

آڪٽوبر 3, 2024

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ صوبي پاران ربيع سيزن لاءِ پاڻيءَ جي ورڇ 1991 پاڻي ٺاهه جي پيرا ٻه تحت ڪرڻ جو مطالبو. بلوچستان صوبي پاران به حمايت، پنجاب ۽ وفاقي ميمبر معاملو سي سي آءِ ۾ زير غور هجڻ سبب پاڻي ورڇ پيرا ٽو تحت ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. جڏهن ته ارسا پاران ربيع جي مڪمل سيزن لاءِ صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ نه ڪرڻ جو فيصلو، ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي هلندڙ آڪٽوبر مهيني دوران صوبن کي گهرج مطابق پاڻي ڏيڻ جي منظوري ڏني، نومبر مهيني ۾ ربيع سيزن دوران پاڻي جي ورڇ جي منظور ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تفصلي موجب  ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جو اجلاس ارسا چيئرمين عبدالحميد مينگل جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ارسا ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ميمبرن سوڌو صوبائي حڪومتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ واپڊا جي نمائندن کان علاوه خيبرپختونخوا جا نمائندا به موجو هئا. ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيل ربيع سيزن دوران پاڻيءَ جي موجودگيءَ بابت ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پاران لڳايل ڪاٿي جا تفصيل پيش ڪيا ويا. ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته لڳايل ڪاٿي مطابق ربيع سيزن دوران پاڻيءَ جي کوٽ 16 سيڪڙو ٿيندي. ربيع سيزن دوران پنجاب کي 16.68 ايم اي ايف، سنڌ کي 12.58 اي ايم ايف، ڪي پي ڪي کي 0.70 ايم اي ايف ۽ بلوچستان کي 1.17 ايم اي ايف پاڻي ملڻ جو ڪاٿو پيش ڪيو ويو. ايڊوائيزي ڪاميٽي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مڪمل ربيع سيزن دوران پاڻيءَ جي ورڇ ڪرڻ وارو معاملو ملتوي ڪيو وڃي ٿو. هلندڙ آڪٽوبر مهيني دوران صوبن کي گهرج مطابق پاڻي فراهم ڪيو ويندو. جنهن کانپوءِ نومبر ۾ ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو. جنهن ۾ پاڻيءَ جي موجودگيءَ جو نئين سر ڪاٿو پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد ربيع سيزن دوران صوبن ۾ پاڻيءَ ورڇ جي حتمي منظوري ڏني ويندي. ارسا ايڊوائيزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ صوبي جي نمائندن مطالبو ڪيو ته 1991 جي پاڻي ٺاهه مطابق ربيع سيزن دوران صوبن وڇ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ ڪئي وڃي. سنڌ پاڻيءَ ٺاهه مطابق پاڻي جي ورڇ ڪرڻ جا مسلسل ورهين کان مطالبا ڪري ٿڪجي پئي آهي. سنڌ پاران پاڻيءَ ٺاهه جي پيرا ٽو تحت پاڻي ورڇ ڪرڻ جي مطالبي جي بلوچستان مان ارسا جي ميمبرن ۽ بلوچستان حڪومت جي نمائندن به حمايت ڪندي چيو ته بلوچستان حڪومت جي پاليسي تبديل ٿي آهي هاڻ سنڌ جي موقف جي حمايت ڪنداسين. بلوچستان به پاڻيءَ ٺاهه جي پيرا ٽو تحت ورڇ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن جي مطالبي جي پنجاب ۽ وفاقي مان ارسا جي نمائندي مخالفت ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته پاڻي ورڇ جو معاملو سي سي آءِ ۾ التوا هيٺ آهي جيستائين سي سي آءِ فيصلو نٿي ڪري تيستائين پيرا ٽو تحت پاڻي جي ورڇ نٿي ٿي سگهي. ارسا ترجمان ۽ ڊائريڪٽر ريگيوليشن خالد اڌريس رانا پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ارسا ربيع سيزن لاءِ صوبن ۾ پاڻيءَ جي ورڇ نه پيرا ٽو تحت ڪئي آهي ۽ نه ئي ٿري ٽيئر فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رڳو اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته آڪٽوبر مهيني ۾ صوبن کي پاڻي گهرج مطابق ڏنو ويندو. ارسا سمجهي ٿي ته پاڻي ورڇ پيرا ٽو تحت ڪرڻ وارو معاملو سي سي آءِ ۾ التوا هيٺ آهي جيستائين سي سي آءِ فيصلو نٿي ڪري تيستائين موجوده طريقيڪار تي نظرثاني ڪرڻ جو اختيار ارسا کي ناهي. جيڪڏهن سي سي آءِ معاملو واپس ارسا کي موڪلي ته پوءِ اڪثريتي ووٽنگ ذريعي فيصلو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪي پي ڪي صوبي جي ميمبر جي جاءِ خالي آهي ان ڪري ربيع سيزن دوران پاڻي ورڇ جي ووٽنگ نه ڪرائي وئي هاڻي نومبر ۾ ربيع سيزن دوران پاڻي جي ورڇ ڪرڻ لاءِ اجلاس ٿيندو. جنهن ۾ حتمي منظور  ڏني ويندي. هن ٻڌايو ته هڪ مهيني لاءِ پاڻيءَ جي ورڇ ڪرڻ جو فيصلو اِن ڪري ڪيو ويو آهي ته موسمي تبديليءَ جي ڪري ٽيمپريچر هيٺ مٿي ٿي رهيو آهي جيڪڏهن موجود ٽيمپريچر نومبر ۾ به قائم رهيو ته ٿي سگهي ٿو پاڻي جي کوٽ 16 سيڪڙو بجاءِ 10 سيڪڙو تي پهچي. پر نومبر ۾ پاڻيءَ جي موجودگيءَ جو ڪاٿو لڳايو ويندو جنهن کانپوءِ پاڻي جي حتمي ورڇ ڪئي ويندي.

اسلام آباد: ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ تربيلا جي توسيع منصوبن تي طئي ٿيل پلان تحت ڪم نه ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ايڊوائيزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ تربيلا جي توسيع منصوبن تي پنجاهه سيڪڙو بجاءِ 32 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ارسا واپڊا کي تربيع جي توسيع منصوبن جو ڪم 33 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ۽ ايندڙ ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪانٽينجنسي پلان طلب ڪري ورتو آهي. ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندن ارسا ميمبرن جي اِن موقف کي رد ڪيو ته سنڌ گڊو بئراج تي پاڻي وهڪرن جا اصل انگ اکر نٿي ڏئي. سنڌ جي ميمبرن موقف اختيار ڪيو ته گڊوءَ تي ارسا ڪو نظام جوڙي ڀلي اُتي ارسا پنهنجا نمائندا مقرر ڪري ۽ پاڻي آمد جو جائزو وٺي. سنڌ پاران پاڻي آمد جا گهٽ انگ اکر جاري ڪرڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا صداقت ناهي. جنهن تي ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي ۾ اهو زور ڏنو ويو ته طئي ٿيل طريقيڪار مطابق صوبا مختلف هنڌن تي پنهنجا پنهنجا نمائندا مقرر ڪن جيڪي پاڻي وهڪرن تي نظر رکن.

Leave A Comment