ريلوي ۾ ساڍا 12 ارب جون بي ضابطگيون: ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ريلوي زمينن تي قبضا

مَي 29, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ريلوي جي پراپرٽي اينڊ لينڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ساڍا 12 ارب رپين جي بيضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. ريلوي جي اسپيشل آڊٽ رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي 13 لک 50 هزار 312 ڪنال زمين آهي، 2 هزار 617 ايڪڙ زمين تي قبضا آهن جنهن جي ماليت 3 ارب 49 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 2 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي زمينن تي غير قانوني پيٽرول پمپ قائم آهن، ڪراچي ۾ گيلاني ريلوي اسٽيشن جي 4 ارب 40 ڪروڙ رپين جي 63 ايڪڙ زمين تان قبضو ختم نه ڪرايو ويو آهي، جنهن سبب سرڪلر ريلوي منصوبو آپريشنل ناهي ٿي سگهيو، سکر ۾ 602 ريلوي ڪوارٽر تي به قبضا آهن جن تان به قبضو خالي ناهي ڪرايو ويو. ان کانسواءِ مختلف کاتن ڏانهن رهيل 22 ڪروڙ 12 لک رپين جي بقاياجات به وصول ناهي ڪئي وئي، ڪراچي جي هڪ خانگي فٽنيس ڪمپني سان ليز معاهدو ختم ٿيڻ بعد ٻيهر نيلام نه ٿيڻ ڪري ريلوي کي هڪ ارب 16 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي، رپورٽ موجب ريلوي پراپرٽي جي انتظامن لاءِ مقرر ڪيل عملي ۾ گهربل صلاحيت نه آهي ۽ اڪثر هنڌن تي انجنيئر مقرر آهن.

Leave A Comment